يوڪرائن معاملي تي ٽرمپ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان: پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان يوڪرائن معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي صدر پيوٽن چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ 2022ع ۾ صدر هجي ها ته يوڪرائن بحران پيدا ئي نه ٿئي ها.
هن ٽرمپ کي ذهين ۽ عملي پسند شخصيت قرار ڏيندي چيو ته سندس خيال آهي ته آمريڪي صدر روس کي نقصان پهچائڻ لاءِ تيل جون عالمي قيمتون گھٽ نه ڪرائيندو.
روسي صدر چيو ته تيل جون تمام گهڻيون يا تمام گھٽ قيمتون روس ۽ آمريڪا ٻنهي جي معيشيتن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿينديون.
هن وڌيڪ چيو ته اهو تصور ڪرڻ ڏکيو هوندو ته اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جن سان آمريڪي معيشيت کي نقصان پهچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.