ٽرمپ ڳورهاري عورتن کي وقت کان اڳ ٻار ڄڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو!

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان برٿ رائٽ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ عورتن وقت کان اڳ ماءُ بڻجڻ لاءِ اسپتالن جو رخ ڪري ورتو.
ياد رهي ته برٿ رائٽ آمريڪا ۾ پيدائش جي بنياد تي تازي ڄاول ٻار جي فوري طور شهريت جو آهي پر صدر ٽرمپ جو ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ هاڻ 20 فيبروري کانپوءِ آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به ٻار کي آمريڪي شهريت نه ملندي.
ٽرمپ جي ان قدم خاص طور پرڏيهي ڳورهاري عورتن کي ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي اسپتالن جو رُخ ڪري رهيون آهن، سندن اصرار آهي ته وقت کان اڳ ڊليوري ڪئي وڃي.
20 فيبروري کانپوءِ اهڙي والدين جي ٻارن کي شهريت نه ملندي، جيڪي آمريڪا جا شهري يا گرين ڪارڊ هولڊر ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.