لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ خلاف درخواست تي سمورين ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي فيبروري جي ٻي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس شاهد ڪريم انٽرنيشنل لائرز ايسوسيئيشن جي داخل ڪيل درخواستن تي خميس ڏينهن ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته سڄي دنيا ۾ اووسيز پاڪستانين جو انگ اٽڪل هڪ ڪروڙ آهي، اوورسيز پاڪستاني سالياني اربين ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ موڪليندا آهن ۽ پاڪستاني سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري چهرو اجاگر ڪندا آهن. کين ووٽ جي حق کان محروم رکڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواستگذار گذارش ڪئي ته پاڪستان جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قانونسازي جو حڪم ڏي.
عدالت سمورين ڌرين کي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like