اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي پهرئين پوليو وائرس ڪيس جي تصديق ٿي وئي.
اختيارين موجب 2025 جو پهريون پوليو ڪيس ڊي آءِ خان مان رپورٽ ٿيو آهي، پهريون ڪيس 7 جنوري تي رپورٽ ٿيو، جنهن جي تصديق 22 جنوري تي ٿي آهي.
اختيارين ٻڌايو ته ڊي آءِ خان مان گذريل سال پوليو جا 11 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جڏهن ته پاڪستان ۾ مجموعي طور 73 ڪيس سامهون آيا هئا.
واضح رهي ته سال 2025 جي پهرين قومي پوليو روڪ مهم 3 فيبروري کان شروع ٿيندي.
Prev Post
You might also like