”گهر کان گهر تائين“، حج پانڌئيڙن لاءِ منفرد سهولت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ”گهر کان گهر تائين“، حج پانڌيئڙن لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت منفرد سهولت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ فرضن جي ادائيگي لاءِ نئين پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پانڌئيڙن لاءِ سرڪاري ناظم پاڪستان مان ئي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب 150 پانڌيئڙن تي هڪ ناظم، مجموعي طور تي 600 ناظم مقرر هوندا، پانڌيئڙا پنهنجي گروپ ناظم جي قيادت ۾ ايئرپورٽ تي گڏ ٿيندا، ناظم پاڪستان مان روانگي ۽ واپسي تائين گروپ جو نگران هوندو، هو پانڌيئڙن سان گڏ ويندو ۽ واپسي تائين ساڻن گڏ رهندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ناظم سعودي عرب ۾ رهائش ۽ حج ۾ رهنمائي ڪندا، ناظم جي مدد سان حج بهتر طريقي سان ادا ٿيندو، فلائيٽ شيڊيول جي اعلان سان ئي پانڌئيڙن کي ناظم جو اطلاع ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.