قانون سازي اسان جو ڪم آهي، عدليا مداخلت نه ڪري: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ڪنهن اداري جي معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪندي، عدليا به ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ سڌي ريت مداخلت کان پاسو ڪري.
سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ڊيپوٽيشن پاليسي بابت دنيش ڪمار سوال ڪيو، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سوال ڪميٽيز کي موڪلڻ تي اعتراض ڪيو.
هن چيو ته سمورن سوالن جا جواب لکت طور پيش ڪيا ويندا آهن، ڪميٽين ۾ ٻيا معاملا به بحث هيٺ آندا ويندا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڊيپوٽيشن پاليسي جي گنجائش سروس رولز ۾ موجود آهي، پهرين ٽن سالن لاءِ ڊيپوٽيشن ٿيندي آهي، پوءِ ٻه سال تجديد ٿيندي آهي، سپريم ڪورٽ به پنهنجي فيصلن ۾ چيو ته ڊيپوٽيشن کي معمول نه بڻايو وڃي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ڪنهن اداري جي معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪندي، عدليا به ايگزيڪيوٽو جي معاملن ۾ سڌي ريت مداخلت کان پاسو ڪري، قانون سازي ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، اسان کي ڪرڻ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.