اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ بند ٿيندڙ سرڪاري ادارن جي ملازمن جي حوالي سان چيو آهي ته جيڪي ملازم پنهنجي ملازمت جي آخري 5 سالن ۾ آهن، انهن کي رٽائر ڪيو ويندو.
سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽر عون عباس چيو ته ڪيترن کاڌن کي ضم ڪيو پيو وڃي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ملازمن جو ڇا ٿيندو؟
اعظم نذير تارڙ چيو ته رائٽ سائزنگ وقت جي ضرورت آهي، ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، حڪومت جو ڪم ماحول فراهم ڪرڻ آهي.
هن چيو ته اسان جا گردشي قرض وڌي رهيا آهن، خسارا گهٽ ڪري معيشت کي بيهارڻو آهي، سول ايوي ايشن کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪيو ويو آهي، اهي ملازم جيڪي پنهنجي ملازمت جي آخري 5 سالن ۾ آهن، انهن کي رٽائر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪي کاتا بند ٿيندا، انهن کي ملازمن کي پيڪيج ڏنا ويندا، انهن کاتن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني آهن پر رياست سڀ کان مٿي آهي، اسان جو مقصد ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ ناهي.
قانون واري وزير چيو ته ڪم ڪندڙ ملازمن کي نوان ڪنٽريڪٽر پاڻ سان گڏ رکندا، ڪنهن کي قانون خلاف نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو.
You might also like