اوپو جي ڌماڪيدار انٽري، ڪمال جي خاصيتن واري پينسل کان به سنهي فون

سمارٽ فون ڪمپني اوپو پنهنجي فائينڊ اين فائيو فولڊ ايبل جي لاءِ پنهنجون ٽيزر ڪمپنيون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

اها ڊوائيس ٻه هزار ٽيويهه ۾ متعارف ڪرايل اوپو فائينڊ اين ٿري جو تسلسل آهي، جنهن جو واهپيدار وڏي عرصي کان انتظار ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي انکي فيبروري مهيني ۾ متعارف ڪرائڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

پيٽ لائو طرفان هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي آهي جيڪا ان فون جي خاصيت مطلب ته ان جي سنهي باڊي ڏانهن اشارو ڏئي ٿي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ واري پليٽ فارم وئيبو موجب لانچ کانپوءِ اوپو فائنڊ اين فائيو مارڪيٽ ۾ سڀ کان بهترين فليگ شپ فولڊ ايبل هوندي.

هن وقت اهڙو رڪارڊ اونر جو ميجڪ وي ٿري وٽ آهي جنهن جي ٿولهه 4.35 ملي ميٽر آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اوپو جو ايندڙ فون اڃا به ڪجهه ملي ميٽر سنهو ئي هوندو.

ليڪ ٿيل تازين خبرن موجوب فائينڊ اين فائيو ۾ ڪوالڪوم جو اسنيپ ڊريگن 8 ايليٽ چپ سيٽ، ٽي ميگا 50 ميگا پڪسل ريئر ڪيميرا ۽ 80 واٽ وائرڊ ۽ 50 واٽ وائرليس چارجنگ جي سپورٽ سان گڏ 5900 ايم اي ايڇ بيٽري جا فيچرز شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.