حيدرآباد (رپورٽر)سنڌ ھندو ڪائونسل طرفان سنڌو درياهه مان ڇهھ ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.احتجاجي بک ھڙتال جي قيادت سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين سورج ڪوھستاني، صدر مھيش ڪمار جيراڻي جنرل سيڪريٽري واشديو مولچنداڻي،وائس چيئرمين درگا ديوي راجپوت خزانچي ويرو مل ٺاڪر ڪئي جڏھن ته حيدرآباد سول سوسائٽي وارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ افروز شورو پڻ شرڪت ڪئي صحافين سان ڳالھائيندي ھنن چيو ته سنڌو درياء سنڌين جو جياپو آھي ۽ سنڌو درياء مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ معني سنڌي ماڻھن کي موت ڏيڻ آھي ھن موقعي تي سنڌ جي قومي راڳي وقار ملاح پڻ علامتي بک ھڙتال ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي گيت ڳائي سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪئي.