لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا انجلينا جولي ۽ سندس پٽ نوڪس گڏجي لاس اينجلس ۾ لڳندڙ باهه سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ پنهنجي گهر جا دَر کولي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب انجلينا جولي ۽ سندس 16 ورهين جي پٽ نوڪس جي لاس اينجلس جي علائقي لوز فيليز مان هڪ وڊيو منظر تي آئي، جنهن ۾ ٻئي پاڻي جون بوتلون ۽ کاڌي پيتي جو سامان گڏ ڪندي نظر آيا.
اداڪارا ۽ سندس پٽ جي وڊيو ٺاهيندڙ شخص کانئن پڇيو ته ڇا توهان ڪيليورنيا ۾ لڳل باهه سبب پريشان آهيو؟ جنهن تي جواب ۾ انجلينا جولي چيو ته ها اسان جي گهر ۾ متاثر ماڻهو موجود آهن.
وڊيو ٺاهيندڙ شخص اداڪارا کان اهو به سوال ڪيو ته ڇا توهان امدادي ڪارروائين لاءِ عطيو ڪندئو؟ جنهن تي انجلينا جولي چيو ته ها بلڪل پر في الحال مان هتي موجود ماڻهن جو پنهنجي گهر ۾ خيال پئي رکان.
You might also like