ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ٽيچنگ لائسنس جو امتحان پاس ڪندڙ استادن کي 16هين گريڊ ۾ نوڪري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان سوٽبلٽي مرحلو طئي ڪرڻ کانپوءِ لائسنس جو امتحان پاس ڪندڙ استاد گورنمينٽ سروس جو حصو بڻجي ويندا.
هن چيو چاهيون ٿا ته لائسنس پاس اميدوارن کي گريڊ 16 جي نوڪري قانوني تحفظ سان ملي، معاملي کي منظوري لاءِ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ ٽيچنگ لائسنس پاس اميدوارن جي سوٽبلٽي جاچڻ لاءِ ڪيس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي موڪليو ويندو.
واضح رهي ته رولز تحت گريڊ 16 جي نوڪري لاءِ ايس پي ايس سي جي مرحلي مان گذرڻو پوندو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like