ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار تازو هڪ ٽي وي شو ۾ ازدواجي لاڳاپن جي مسئلن تي کليل نموني اظهار ڪيو، جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو.
ريمبو چيو ته ازدواجي جهيڙن ۾ مسئلو ان وقت پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ٻئي ڌريون ڪاوڙ ۾ اچي وڃن ۽ منهنجي صلاح آهي ته جڏهن توهان جي گهرواري ڪاوڙ ۾ هجي ۽ توهان سان ناراض ٿئي ته چُپ ٿي وڃو.
ريمبو جي ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي پر هن وڌيڪ چيو ته 5 منٽن کانپوءِ هوءَ پاڻ اچي معافي گهرندي ۽ گڏوگڏ چانهه به آڻيندي.
ريمبو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مڙس به زال جيان رڙيون ڪندو ته سنگين نتيجا ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن توهان به گوڙ ڪندئو ته زال پنهنجي ماءُ کي فون ڪندي ۽ پوءِ ان جي ماءُ توهان جي گهر پهچي ويندي.
اداڪار جو اهو بيان سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو، ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريمبو پنهنجي مشوري ۾ عورتن کي ڏوهي قرار ڏئي ازدواجي مسئلن کي هڪ طرفي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like