ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي قومي شاهراھه تي گاڏي جي ٽڪر ۾ سبزي کپائيندڙ پورهيت فوت ٿي ويو.
تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل ۽سوزڪي پڪ اپ کي ٽڪر هنيو، ان دوران گاڏي لڳڻ سبب واٽهڙو سبزي کپائيندڙ پورهيت 45 ورهين جو رفيق بهاري فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪاشف ٻرڙو زخمي ٿي پيو.
ڌاٻيجي پوليس پھچي لاش پنهجي تحويل وٺي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ۽ گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.
Prev Post
You might also like