گهڻو ڪجهه ختم، وڏي حد تائين نواڻ، هاڻي فيس بوڪ ساڳيو نه رهندو!

ميٽا فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ۾ 2025 جي پهرين ۽ وڏي تبديلي ڪري ڇڏي آهي جيڪا انهن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي وڏي حد تائين مٽائي ڇڏيندي.

ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ ست جنوري تي اعلان ڪيو آهي ته فيس بوڪ، ٿريڊز ۽ انسٽاگرام تي پوسٽون، وڊيوز ۽ ٻئي مواد جي جاچ پڙتال ڪرڻ جو نظام مٽائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ۾ فيڪٽ چيڪرز سسٽم ختم ڪيو پيو وڃي جنهن جي جاءِ تي واهپيدارن تي ٻڌل ڪميونٽي نوٽس ڪي ڏني ويندي.

مطلب ته مواد جي جاچ پڙتال جي لاءِ ايڪس (ٽوئيٽر) سان ملندڙ جلندڙ سسٽم کي فيس بوڪ ۽ انسٽا گرام جو حصو بڻايو ويندو.

فيس بوڪ تي هڪ وڊيو پوسٽ ۾ مارڪ زڪربرگ چيو ته فيڪٽ چيڪرز سسٽم سياسي تعصب تي ٻڌل هو ۽ انتي اعتماد ڪرڻ بدران انکي تباهه ڪيو.

هن چيو ته پراڻو سسٽم ماڻهن کي آزادي سان پنهنجي راءِ استعمال ڪرڻ نه ڏيندو هو جنهن ڪري ڪيترن ئي خيالن کي ختم ڪرڻو پيو.

تنهن باوجود به زڪربرگ اهو اعتراف ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ميٽا جي پليٽ فارمز ۾ وڌيڪ نقصان ڏيندڙ مواد ڦهلجي سگهي ٿو.

اهڙي تبديلي ٽرمپ جي حلف برداري جي موقعي تي ڪئي پئي وڃي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس پارٽي جي ٻين ميمبرن پاران گهڻي قدر زڪربرگ ۽ ميٽا تي تنقيد ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.