ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو سنڌ ۾ موهن جي دڙي جي قديمي آثارن جي لکت سمجهندڙن لاءِ هڪ ملين ڊالر انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب تامل ناڊو جي حڪومت طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته موهن جي دڙي جي قديمي آثارن سان سلهاڙيل لکت سمجهندڙن کي اهو انعام ڏنو ويندو.
واضح رهي ته سنڌ جي ان قديم تهذيب ۾ ان وقت لاڳو لکت جي وضاحت اڃا تائين ناهي ٿي سگهي.
ڀارتي ميڊيا موجب تامل ناڊو جي وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قديمي آثارن جا ماهر، تامل ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جا ماهر ۽ سڄي دنيا جا ڪمپيوٽر ماهر ان لکت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن سنڌ جي ان تهذيب تي تحقيق جاري رکڻ لاءِ ادارو قائم ڪرڻ ۽ ان ڏس ۾ 2 ڪروڙ رپين جي مدد جو اعلان به ڪيو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like