”توکان سوا نٿو رهي سگهان“ مڙس زال کي مارڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي تخت گاهه قاهرا ۾ هڪ شخص پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.
اهو افسوسناڪ واقعو قاهرا گورنري ۾ پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي زال کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي کيس ماري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي زندگي جو به انت آڻي ڇڏيو.
پوليس کي قاهرا گورنري جي علائقي نيو مصر جي هڪ پاڙي مان رهواسين جي شڪايت وصول ٿي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته کين هڪ گهر اندران بدبوءِ اچي رهي آهي.
پوليس اطلاع تي پهچي گهر تي ڇاپو هنيو ته عورت ۽ سندس مڙس جا لاش هٿ آيا، عورت جي لاش تي تشدد جا واضح نشان هئا، جڏهن ته مڙس جو لاش ڦاهي ۾ ٽنگيل هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته مڙس زال کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، هو نشي جي حالت ۾ هو ۽ هوش حواس ۾ نه هو، جوابدار زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ يوٽيوب تي هڪ لائيو وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن نه رڳو ڏوهه جو اعتراف ڪيو پر چيو ته مان پنهنجي عمل تي شرمنده آهيان، مان اهو سڀ ڪجهه نشي جي حالت ۾ ڪيو، مان زال بنا جيئرو نٿو رهي سگهان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.