ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليوارو ليکڪ ، اديب، صحافي۽ مدبر پروفيسر ديدار حسين عرف بيدار جعفري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز ملير جي علائقي پپري ۾ ادا ڪئي وئي،
جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ڌرين، اديبن، صحافين، سول سوسائٽي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻ شرڪت ڪئي. مرحوم جو مڙهه واديِ حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مرحوم جو تڏو سندس پپري واري رهائش گاهه تي وڇايو ويو آهي، هر متڪب فڪر جي ماڻهن پاران سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير ٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پروفيسر ديدار علي عرف بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ هو ۽ هن علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون.
وڏي وزير چيو ته بيدار جعفري جهڙي شخصيت اسان کان جدا ٿي وئي آهي، جيڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.
ٻئي پاسي عوامي آواز سٿ پاران به پروفيسر بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڌڻي دَر اڳيان دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ پونئنرن کي صبر جميل عطا ڪري.