سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجا بارڊر گواسڪر ٽرافي کان اڳ گهڻو پريشان نه هو ته کيس ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ڇو ته ان سيريز کان اڳ 7 ٽيسٽ اننگز ۾ بمرا کيس آئوٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو، آسٽريلوي اوپنر جو خيال هو ته اوهان جيترو بمرا کي کيڏندئو هو اوترو سولي بڻجي ويندو.
پر پنجن ميچن جي سيريز ۾ 6 ڀيرا بمرا هٿان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ خواجا اعتراف ڪيو ته هو” بس رڳو بمرا جو شڪار ٿي رهيو هو“ .
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان خواجا چيو ته ” سچ چوان ته مان رڳو بمرا جو شڪار ٿي رهيو هيس، هو واقعي ڏکيو بالر آهي، ماڻهن مون کان پڇيو ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ مان صاف چيو ته مان بمرا جو شڪار ٿي رهيو آهيان.“
خواجا اعتراف ڪيو ته بمرا جي ميدان نه هجڻ سان آسٽريلوي بيٽرز تي وڌيڪ اعتماد محسوس ڪيو، خاص طور سڊني جي مشڪل وڪيٽ بمرا جي غيرموجودگي آسٽريليا لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي.
هن چيو ته اوهان ڪڏهن ناهيو چاهيندا ته ڪو زخمي ٿئي اِها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته هو زخمي ٿي پيو، پر خدا جو شڪر آهي هو اسان جي خلاف نه کيڏي سگهيو، ڇو ته ڇو آخري اننگز ۾ سندس مقابلو ڪرڻ هڪ ڀوائتو خواب هجي ها. .
هن چيو ته اوهان ان سيريز دوران محسوس ڪيو هوندو ته هو ڀارتي ٽيم لاءِ ڪيترو اهم هو، جيئن اسان بمرا کي ميدان ۾ نه ڏٺو، اسان محسوس ڪيو ته هاڻي اسان کي کٽڻ جو موقعو مليو آهي.
خواجا بمرا کي پنهنجي ڪيريئر جو ” سڀ کان مشڪل بالر “ قارر ڏيندي چيوته 19-2018 واري آسٽريليا جي دوري بعد بمرا ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي.
هن چيو ته “ هو هميشه کان بهترين هو، هو 2018 ۾ به هڪ بهترين بالر هو، پر هن سال هو ڪجهه ٻئي ئي رنگ ۾ هو، ائين لڳي رهيو هو ته سندس جوش عروج تي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته بمرا لاءِ آسٽريلوي ڪنڊيشن ضرور مددگار ثابت ٿي پر هو ڇهن ورهين دوران وڌيڪ تجربيڪار ٿي ويو آهي، هو اهڙو بالر آهي جيڪو پنهنجي صلاحيتن کي سمجهي ٿو، هو ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي ٽيم خلاف ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي آهي هو سڀني لاءِ الڳ رٿابندي ڪندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان سمجهيو ته هو ڪنهن موقعي تي ڪائي غلطي ڪندو ۽ مان رنسون ٺاهيندس پر هن ڪٿي به اِها غلطي نه ڪئي، هو دنيا جي اهڙن بالرن منجهان هڪ آهي جنهن خلاف رنسون ٺاهي مذاق ناهي، هو سڀ کان ڏکيو بالر آهي جنهن خلاف اسڪور ڪرڻ ۽ اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪرڻ مشڪل پيش ايندي آهي ۽ محسوس ٿيندوهن وٽ هر جادوئي بال آهي جيڪو وڪيٽون اُڏائي ڇڏيندو.
واضح رهي ته بمرا سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ 32 وڪيٽون حاصل ڪيون، سندس ايوريج 13.06 رهي ۽ کيس سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
جيتوڻيڪ هو رڳو نوَ اننگز ۾ بالنگ ڪري سگهيو ۽ آسٽريليا خلاف سڊني ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ چيلهه جي تڪليف سبب ميدان کان ٻاهر هليو ويو ۽ آسٽريليا اِها ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي.