سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۽ پاڪستان ۾ سون جو اگهه گهٽجي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 75 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 35 هزار 768 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر گهٽجڻ سان 2632 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.