ناياب مڇي 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ۾ نيلام

جاپان ۾ موٽر سائيڪل جيتري ٽونا مڇي 13 لک ڊالر (تقريبن 36 ڪروڙ 25 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپين) ۾ نيلام ٿي وئي.
جاپان جي سڀ کان وڏي مڇي بازار ٽوڪيو جي تويوسو فش مارڪيٽ ۾ نئين سال جي نيلامي دوران بلوفن ٽونا کي 13 لک ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو، جيڪا رڪارڊ تي ٻي سڀ کان وڏي نيلامي آهي.
ان مڇي جو وزن تقريبن 276 ڪلو گرام آهي، جنهن کي جاپان جي هڪ مشهور ريسٽورنٽ چين نيلامي ۾ خريد ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.