ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان پنهنجي پيءُ سليم خان جي فلم شعلي کي ٻيهر ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
تازو ئي پروڊيوسر سليم خان ۽ اسڪرين رائيٽر جاويد اختر جي زندگي تي ٻڌل دستاويزي فلم سيريز اينگري ينگ مين رليز ٿي جنهن جي تقريب ۾سلمان خان ۽ جاويد اختر جي پُٽ فرحان اختر به شرڪت ڪئي.
ان دوران باليووڊ جي پروڊيوسر فرح خان سلمان خان کان سوال ڪيو ته توهان سليم ۽ جاويد اختر جي ڪهڙي فلم کي ٻيهر ٺاهڻ چاهيو ٿا؟
جنهن جو اداڪارا فوري طور تي جواب ڏيندي چيو ته شعلي فلم ٻيهر ٺاهيندس، جيڪڏهن مان ڪنهن فلم جو ري ميڪ ٺاهيو ته اهو شعلي فلم هوندي، مان جي ۽ ويرو ٻنهي جو ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو، جڏهن ته مان غنڊي گبر جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.
ان ڳالهه تي ڳالهائيندي جاويد اختر چيو ته فلم شعلي ۾ غنڊي گبر جو ڪردار امجد خان ڪيو هو پر ان ئي ڪردار کي اداڪار سنجيو ڪمار ۽ اميتاڀ بچن ڪرڻ جي به خواهش ڪئي هئي.