ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو اسٽار بيٽر بابر اعظم فارم ۾ اچي ويو، هن ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ لڳاتار 3 ففٽيون اسڪور ڪري ورتيون.
بابر اعظم جي پرفارمنس وڏي عرصي کان خراب هئي، جنهن سبب مٿس تنقيد ڪئي پئي وئي ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز دوران کيس پليئنگ اليون مان ڊراپ پڻ ڪيو ويو هو پر ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز ۾ بابر اعظم جي بيٽ وري هلي پئي.
بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪئي، ان کانپوءِ ڪيپ ٽائون ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ پڻ ففٽي اسڪور ڪئي آهي.
بابر پروٽيز خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ 81 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته پهرين اننگز ۾ هن 58 رنسون ٺاهيون هيون.
Next Post
You might also like