سعودي عرب جي هڪ ٻي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي هڪ ٻي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ ج اجازت ڏني وئي.
رپورٽ موجب سعودي آديل ايئر لائن پنهنجو فلائيٽ آپريشن ٻه فيبروري کان شروع ڪري رهي آهي، پهرين اڏام رياض کان ڪراچي پهچندي، اڏامون ڪراچي، رياض ۽ جدي لاءِ آپريٽ ڪيون وينديون.
آديل ايئر جي پهرين اڏام ڪراچي پهچڻ تي جهاز کي ايئرپورٽ اٿارٽي طرفان واٽر سليوٽ پيش ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن ا ٿارٽي فلاءِ آديل کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي اجازت اڳ ئي ڏئي چڪي آهي.
ايئر لائن ذريعن موجب سعودي عرب جي نئين ايئر لائن جي پاڪستان اچڻ سان مسافرن کي سڌي ريت سهولت ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.