ڀارتي فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، 3 ڄڻا اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ ڪوسٽ گارڊ جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب گجرات جي علائقي پوربندر ۾ انڊين ڪوسٽ گارڊ جو ايڊوانسڊ لائٽ هيلي ڪاپٽر معمول جي تربيتي اڏام تي هو، جنهن ۾ 5 ڄڻا سوار هئا.
حادثي ۾3 ڄڻا ٿڌي تي مري ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
هيلي ڪاپٽر جو اڏام جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪٽجي ويو هو، سرچ آپريشن دوران موڪليل ٽيم کي ڪجهه وٿي تي هيلي ڪاپٽر جو ملبو هٿ آيو.
ڀارتي ڪوسٽ گارڊ ترجمان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي پر شروعاتي رپورٽ موجب حادثو فني خرابي سبب پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.