اهو منهنجو محبوب آهي! ٻن ڇوڪرين جي وچ رستي تي ڄُنڊاپَٽ

ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي باغپت ۾ ٻن نوجوان ڇوڪرين واٽ ويندي وچ رستي تي ئي هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، اهي ڇوڪريون رستي تي ان لاءِ وڙهيون جو ٻنهي کي ان ئي هنڌ خبر پئي ته اهي هڪ ئي ڇوڪري کي پسند ڪنديون آهن.

ڀارتي ميڊيا ۾ ڏيکاريو ويو ته ڇوڪري اسڪولي يونيفارم ۾ هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪري رهيون آهن ۽ ڪيترائي واٽ ويندڙ ماڻهو انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اهي ڇوڪريون ويجهي اسڪول ۾ ڏهين درجي جون شاگردياڻيون آهن ۽ ڇوڪرو به ان ئي اسڪول ۾ ڏهين درجي جو شاگرد آهي جنهن کي اهي ٻئي پسند ڪنديون آهن جنهن تان ٻنهي ۾ منهن ماري کانپوءِ ڄنڊا پٽ شروع ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.