ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ بک، بدحالي ۽ بدامني ۾ گهيريل آهي، سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين.
ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ ”جشن لطيف“ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي، اقليتي برادري، عورتون ۽ ٻارڙيون محفوظ ناهن، ڪراچي جي ڪچي آبادين ۽ ڳوٺن ۾ غريبن وٽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پيسا ناهن.
هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، ان تي قائم آهيون، گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضو ڪرڻ بند ڪيو وڃي، شاهه لطيف جي ڌرتي تي قبضي جي ڪوشش تي مزاحمت ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آهن، وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليا سنڌ جي عوام جون شڪايتون نه پيا ٻڌن، سنڌ مان چونڊيل سڀني پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، خود احتسابي ڪيو.
اياز لطيف پليجي چيو ته سياسي جماعتون اقتداري مفادن لاءِ انتهاپسندي ۽ لسانيت جو لباس نه پائين، وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته ٻن سالن ۾ عوام کي ڇا مليو آهي؟ جيڪي حڪومتون عوام کي گرهه کسين اهي گورننس ڇا ڏينديون.
هن مطالبو ڪيو ته سنڌ توڙي سڄي ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي، ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ سختي سان نه برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو.
Prev Post
Next Post
You might also like