اسلام آباد(منيب فاروق)عمران خان جي آزادي جي حوالي سان آمريڪا جو پاڪستان تي دٻاءُ اثر نه ڏيکاري سگهندو،عمران خان ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ آهي هو پاڻ به نه چاهيندو ته هن جي آزادي لاءِ آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ ڪردار ادا ڪري،هن جي جماعت به ان معاملي کان وٿي اختيار ڪري رهي آهي،آمريڪا ۾ ويٺل پي ٽي آءِ حامين اها غلط فهمي پالي رکي آهي ته ٽرمپ ايندي ساڻ ئي عمران خان کي اڊيالا مان آزاد ڪرائيندو،حقيقت اها آهي ته عمران خان سمجهداري کان ڪم ورتو ته هن جي مشڪلات ۾ گهٽتائي ايندي،هو ويڙهه ڪري ٻاهر نٿو اچي سگهي، آمريڪا کي عمران خان کان وڌيڪ شڪيل آفريدي جي ڳڻتي آهي،واشنگٽن دٻاءُ باوجود اڄ تائين ان کي نه ڇڏرائي سگهيو آهي،عمران خان کي ٻاهرين مدد جي ضرورت ناهي هن کي لوڪل مئنيجمينٽ ذريعي ئي جيل مان ٻاهر نڪرڻو آهي،اقتدار ۾ واپسي لاءِ هن جو رستو اڃا ناهي کليو،هن لاءِ آمريڪا آءِ ايم ايف جو پروگرام معطل نه ڪرائيندو،فيصلاسازن جو اهو واضح موقف آهي ته آمريڪا،دوست عرب ملڪن سميت ڪنهن به ملڪ جي چوڻ تي عمران خان جي آزادي نه ٿيندي،9 مئي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو،طاقتورن جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ پاران فوجي عدالتن جي خلاف فيصلو اچڻ باوجود مٿن ڪو به فرق نه پوندو،فوجي ڪورٽون برقرار رهنديون،جڏهن ته آمريڪا جي دٻاءُ وارين خوش فهمين باوجود اصل حقيقت اها آهي ته حڪومت مڃي ٿي ته عمران خان هڪ سياسي حقيقت آهي،ان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،عمران کي جيل ۾ قيد رکي اسان ڪيترو عرصو ملڪ هلائي سگون ٿا،هن کي ٻاهر اچڻ گهرجي،اها اسٽيبلشمينٽ کان اها به ضمانت گهري پئي ته عمران خان جيل مان نڪري حڪومت لاءِ ڪي ڏکيايون پيدا نه ڪري.