نامناسب انداز ۾ تصويرون ڪڍڻ تي ڀارتي اداڪارا ميڊيا تي ڏمرجي پئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڏکڻ فلمن جي اداڪارا ڪيرتي سريش سان تازو ممبئي ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، هوءَ پنهنجي گاڏي ۾ ويهي رهي هئي ته سندس ٽيم جي هڪ ميمبر فوٽو گرافر سان وچڙي پيو.
ان جو سبب اهو هو ته فوٽوگرافر اداڪارا جي اهڙي تصوير ڪڍي رهيو هو، جيڪا مناسب نه هئي.
ان واقعي بابت هڪ انٽرويو ۾ 32 ورهين جي ڪيرتي ٻڌايو ته مان گاڏي ۾ ويهڻ کان اڳ پنهنجون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍرائي چڪي هيس، پوءِ گاڏي ۾ ويهي رهي هيس ته منهنجي ٽيم جو ميمبر فوٽو گرافر تي ڪاوڙجي پيو، واقعي کانپوءِ ان مون کي گاڏي ۾ اصل صورتحال کان آگاهه ڪيو.
واضح رهي ته اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪيرتي پنهنجي تازي رليز ٿيل فلم ”بي بي جان“ جي شروعاتي نمائش کانپوءِ واپس پنهنجي گاڏي ۾ ويهي رهي هئي.
اداڪارا موجب توڙي جو هن گاڏي ۾ ويهڻ کان اڳ فوٽو گرافرن جي چوڻ تي تصويرون ڪڍرايون پر جڏهن مان ڪار ۾ ويهڻ لڳس ته نامناسب انداز ۾ تصويرون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي تڪرار ٿيو، مون کي فوٽو گرافر جي ان حرڪت تي ڏاڍو افسوس ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.