2025 جو پهريون ڪيس، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عدالت ۾ چيلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ) سال 2025 جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي چيلينج ڪيو ويو آهي.
اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پيٽرول 56 پيسا ۽ ڊيزل 2 رپيا 96 پيسا مهانگو ڪيو آهي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ حقيقتن جي ابتڙ ڪئي وئي، اگهن ۾ واڌ ڪرڻ جو حڪومت وٽ ڪو مڪينزم ناهي.
درخواستگذار چيو آهي ته عدالت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ کي ڪالعدم قرار ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.