دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان نامزد ڪيل رانديگرن ۾ پاڪستان جو بابر اعظم به شامل آهي، جنهن 24 ميچن ۾ 738 رنسون اسڪور ڪيون.
ان کانسواءِ ڀارت جي ارشديپ سنگهه کي نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن 18 ميچن ۾ 36 وڪيٽون حاصل ڪيون.
زمبابوي جي سڪندر رضا کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن 24 ميچن ۾ 573 رنسون ٺاهيون ۽ 24 وڪيٽون حاصل ڪيون.
آءِ سي سي آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو آهي، جنهن 15 ميچن ۾ 539 رنسون ٺاهيون.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ نامزدگيون، پاڪستاني رانديگر به شامل
You might also like