پاڪستان وومين ڪرڪيٽر سدرا امين شادي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽر سدرا امين شادي ڪري ڇڏي، شادي جي تقريب لاهور ۾ هڪ فارم هائوس ۾ ٿي.
32 ورهين جي سدرا امين جي شادي عادل مسعود سان ٿي آهي، تقريب ۾ ساٿي رانديگرياڻين، ڪوچن ۽ پي سي بي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
شادي تقريب ۾ گل فيروزا، طوبيٰ حسن، ڪائنات حفيظ، عمائمه سهيل، عاليا رياض، بسمه معروف، ارم جاويد، عائشا ظفر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.