ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان انعامي بانڊن جي حوالي سان اهم اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب 7 هزار، 15 هزار، 25 هزار ۽ 40 هزار ماليت جا انعامي بانڊز واپس ڪرڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2024 آهي.
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته انعامي بانڊ اسٽيٽ بينڪ، بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن ۽ ڪمرشل بينڪن کان واپس يا تبديل ڪرائي سگهجن ٿا.
اسٽيٽ بينڪ موجب 31 ڊسمبر 2024 کانپوءِ انعامي بانڊن جي واپسي قبول نه هوندي.
Prev Post
Next Post
You might also like