آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ۽ چين سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال پاڪستان لاءِ آمريڪا سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو ۽ چين سڀ کان وڏو درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو.
آمريڪا سان واپاري توازن پاڪستان جي حق ۾ ۽ چين جي خلاف رهيو، ڇو ته جولاءِ کان نومبر تائين آمريڪا ڏانهن پاڪستاني برآمد وڌيڪ ۽ درآمد گهٽ هئي، ان ئي عرصي ۾ چين ڏانهن پاڪستاني برآمد گهٽ ۽ درآمد تمام گهڻي رهي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن دوران جولاءِ کان نومبر 2024ع تائين پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 3 ارب 50 ڪروڙ ڊالر رهيو، جنهن ۾ آمريڪا ڏانهن پاڪستاني برآمد2 ارب 45 ڪروڙ ڊالر ۽ آمريڪا مان درآمد جو ڪاٿو 59 ڪروڙ 42 لک ڊالر آهي.
هلندڙ مالي سال جي 5 مهينن ۾ آمريڪا ڏانهن پاڪستاني برآمدن ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو.
ذريعن موجب جولاءِ کان نومبر تائين پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 7 ارب 194 ملين ڊالر رهيو، جنهن ۾ چين ڏانهن پاڪستاني برآمد 1 ارب 124 ڪروڙ ڊالر ۽ چين مان درآمد 6 ارب 7 ڪروڙ ڊالر رهي.
ان عرصي دوران چين مان درآمد ۾ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته چين ڏانهن پاڪستاني برآمدن ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.