استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي هڪ فيڪٽري ۾ ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سان 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي صوبي بالڪ ايسر جي تعلقي قيصري ۾ ڌماڪيدار مواد ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
مقامي اختيارين ٻڌايو ته فيڪٽري اندر هاڻ ڪو ملازم ناهي، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ لڳندڙ باهه کي به وسايو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جا ڪارڻ سامهون ناهن آيا، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
Prev Post
You might also like