پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيهڙ جي شڪار تي پابندي لڳائي وئي آهي.
وائلڊ لائف کاتي طرفان پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃڪڙي تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
وائلڊ لائف اختيارين موجب صوبي جي ڪنهن به علائقي ۾ سيهڙ جي شڪار جي اجازت ناهي ۽ اهو فيصلو سيهڙن جي گهٽ انگ کي مدنظر رکندي ڪيو ويو آهي.
خيبر پختونخواهه جي وائلڊ لائف کاتي جي هڪ عملدار موجب شڪار جو سيزن شروع آهي، ان دوران ڪيترائي شڪاري تِتر جي شڪار سان گڏ سيهڙ جو شڪار به ڪندا آهن، تنهن ڪري سيهڙ جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته وائلڊ لائف ۾ سيهڙ جو نسل تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، جنهن جو سدباب ڪري رهيا آهيون، تتر جي شڪار دوران سيهڙ جي غير قانوني شڪار تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته وڌندڙ آبادي سبب سيهڙ پنهنجا ٺڪاڻا ڇڏي رهيا آهن، جڏهن ته زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون به جهنگلي جيوت، خاص طور سيهڙن کي نقصان پهچائين ٿيون.
Prev Post
You might also like