دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي نگراني حڪومت جي سياسي معاملن واري شعبي طرفان پهرين خاتون عائشه الدبس کي خواتين جي معاملن جي ذميوار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
پرڏيهي ميڊيا موجب احمد الشرع جي قيادت هيٺ قائم ٿيندڙ نگران حڪومت جي انتظاميا ۾ سرڪاري اعليٰ عهدي تي مقرر ٿيندڙ عائشه الدبس پهرين عورت آهي.
اهو قدم عورتن کي نئين انتظاميا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تجويزن ۽ مطالبن تي کنيو ويو آهي، جن ۾ چيو ويو ته نئين سر تعمير ۽ ان کانپوءِ وارن مرحلن ۾ عورتن کي شامل ڪيو وڃي.
شامي سياسي معاملن جي شعبي طرفان ايڪس اڪائونٽ تي عائشه الدبس جي تصوير ۽ سندس رابطي جا نمبر پڻ ڏنا ويا آهن ته جيئن عورتن جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي معاملن تي ساڻس سڌي ريت رابطو ڪري سگهجي.
عائشه الدبس پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي لکيو ته الله اسان کي هن امانت جو بار کڻڻ جي قابل بڻائي ته جيئن شام وارن جي چهرن تي اهي مرڪون واپس اچي سگهن، جيڪي سالن کان وڃائجي ويون آهن.
هن پنهنجي تعارف ۾ چيو هوءَ هڪ عام شخصيت آهي پر سماج ۾ عورتن جي اثرائتي ڪردار ۽ ترقي جي خواهشمند رهي آهي.
عائشه الدبس ماضي ۾ فلاحي ۽ امدادي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ ترڪيه ۾ شامي پناهه گيرن جي ڪيمپن ۾ سندن ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ انهن بابت دنيا کي درست ڄاڻ فراهم ڪرڻ شامل آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like