بينڪن جي بندش، اسٽيٽ بينڪ اهم اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائيءَ موجب سڄي ملڪ ۾ بينڪون ۽ ٻيا مالياتي ادارا 25 ڊسمبر تي بند رهندا.
واضح رهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ 25 ڊسمبر اربع تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
25 ڊسمبر تي قائداعظم ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو ويندو، جڏهن ته عيسائي برادري ڪرسمس تهوار ملهائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.