شادي جي رات ڪنوار جي عجيب فرمائش، گهوٽ پرڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شادين ۾ عجيب واقعا پيش اچڻ هڪ عام ڳالهه سمجهي ويندي آهي، اهڙو ئي هڪ نئون واقعو اتر پرديش ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ڪنوار گهوٽ کي چرس جي فرمائش ڪري ڇڏي.
رپورٽن موجب ڀارت ۾ ٿيندڙ هڪ شادي تقريب ۾ ڪنوار پنهنجي گهوٽ کان بيئر جي بوتل ۽ چرس آڻڻ جو مطالبو ڪيو، اهو واقعو اتر پرديش رياست جي بستي ضلعي ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڏينهن ۾ ئي گهوٽ ڪنوار جو رشتو ختم ٿي ويو.
ڪنوار مبينا طور تي گهوٽ کي شادي جي رات چرس آڻڻ جو چيو، واقعو روايتي رسمن دوران پيش آيو هو، جيڪي رخصتي کانپوءِ ملهايون وينديون آهن.
رپورٽ موجب لڌيانه سان واسطو رکندڙ ڪنوار اڳ ۾ مڙس کي بيئر جي بوتل آڻڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي هو راضي ٿي ويو ۽ وڃڻ لڳو ته ڪنوار کيس چرس ۽ ٻاڪرو گوسٽ آڻڻ جي به فرمائش ڪئي، ان مطالبي تي گهوٽ ڪاوڙجي پيو ۽ هن شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي بحث شروع ٿي ويو.
ٻنهي خاندانن ۾ جهيڙو ايترو وڌي ويو جو ٽياڪڙي جون ڪوششون به ناڪام رهيون ۽ گهوٽ عليحدگي جي فيصلي تي قائم رهيو، مقامي پوليس کي به اهڙو اطلاع ڏنو ويو پر اها به تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
ڪنوار جي گهر ڀاتين وضاحت ڪئي ته ڇوڪري مذاق ڪري رهي هئي، ان کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي پر گهوٽ راضي نه ٿيو ۽ هن ڪنوار ۽ ان جي والدين کي واپس گهر موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.