آمريڪا ”باهه“ سان نه کيڏي: چين خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته آمريڪا تائيوان کي وڌيڪ فوجي امداد ڏئي باهه سان کيڏي رهيو آهي.
واشنگٽن طرفان تائيوان کي وڌيڪ فوجي امداد ۽ سامان جي وڪري جي اعلان کانپوءِ چين آمريڪا کي باهه سان کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.
آچر ڏينهن چيني پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ آمريڪا تي زور ڏنو ته هو تائيوان ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي خطرناڪ قدمن کان پاسو ڪري.
واضح رهي ته جمعي تي وائيٽ هائوس تائيوان لاءِ 571.3 ملين ڊالر تائين دفاعي امداد جي منظوري ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.