اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزارت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ 18 نيون واڌو جايون تخليق ڪري ڇڏيون.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو سروس ۾ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي جاين ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو سروس جي جاين جو مجموعي انگ 1293 ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته وفاقي ڪابينا نين جاين جي تخليق تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ڪابينا خالي جاين جي خاتمي ۽ عاضي ڀرتين تي پابندي جو فيصلو ڪيو هو.
Next Post
You might also like