سکر (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.
سکر ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت سڀاڻي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي، سينٽرل جيل سکر ۾ قائم خاص عدالت ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ جيل پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي ويندي.
واضح رهي ته 29 نومبر 2014 ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي سکر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.
Prev Post
You might also like