ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن الائنس سنڌ حڪومت کي الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن 24 ڊسمبر تائين اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته مڪمل طور تي ڪراچي کي جام ڪري ڇڏينداسين.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرانسپورٽر اڳواڻ لياقت خان مسعود چيو ته شهر ۾ ڊمپرن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ سبب اسان جو روزگار تباهه ٿي ويو آهي، 60 هزار ماڻهو بي روزگار ٿي چڪا آهن.
ٽرانسپورٽ اڳواڻ شمس شهواڻي چيو ته سنڌ حڪومت اهڙو ڪو باءِ پاس ناهي ٺاهيو ته ڳريون گاڏيون شهر کان ٻاهر وڃي سگهن، نيشل هاءِ وي جي ڀرپاسي روڊ ٽٽل آهن.
هن چيو ته اسان ٽول پلازا کي مهيني ۾ 3 ڪروڙ رپيا ڏيندا آهيون، ايڪسائيز ۽ ٻيا ٽيڪس پڻ ادا ڪندا آهيون، ان باوجود اسان کي ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سان اڱاري تائين ڳالهيون نه ڪيون ويون ته ڪراچي جا سڀ بلاڪ ڪري ڇڏينداسين، شهر ۾ ڪو به آئل ٽينڪر، مزدا يا ڊمپر نه هلندو.
ٽرانسپورٽر اڳواڻن چيو ته اسان پنهنجون سموريون گاڏيون بيهاري چابيون سنڌ حڪومت کي ڏئي ڇڏينداسين ته هو پاڻ انهن گاڏين کي هلائين.
You might also like