ڀٽو ريفرنس ۾ فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون: چيف جسٽس جو واڌو نوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڀاڀت صدارتي ريفرنس تي چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جو واڌو نوٽ جاري ڪيو ويو.
چيف جسٽس پاڪستان، ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس بابت عدالتي ريفرنس تي پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين ججن جا نوٽس پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه جي نوٽ سان ڪجهه حد تائين اتفاق ٿو ڪيان.
هن پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته ريفرنس ۾ ڏنل راءِ ۾ ڪيس جي ميرٽس تي ڪنهن حد تائين ڳالهه ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ رڳو ايڊوائزري اختيار جو دائرو رکي ٿي پر فيئر ٽرائل جي سوال تي فيصلي جي پيراگراف 186 سان اتفاق ڪيان ٿو، هي ريفرنس شايد سامهون نه اچي ها پر ڪجهه واقعا ان جو سبب بڻيا.
سندس موجب جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو جي ڪجهه نڪتن کي ايڊريس ڪرڻ ضروري آهي، ان وقت جي غير معمولي سياسي فضا ۾ دٻاءُ انصاف جي عمل تي اثرانداز ٿيو، اهو سڀ عدالتي آزادي جي نظرين سان ٽڪراءُ هو.
جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته آئين موجب حڪمراني جي ابتڙ قدم سياسي ڪيسن ۾ عدالتي ڪارروائين تي غير ضروري اثر وجهندا آهن، اهڙن حالتن ۾ جسٽس دراب پٽيل، جسٽس محمد حليم ۽ جسٽس صفدر شاهه جرئتمنداڻو اختلاف ڪيو.
هن وڌيڪ لکيو ته انهن ججن جو اختلاف ڀلي نتيجن کي تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر غير جانبداري جي پائيدار اصولن جو ثبوت آهي، ان نتيجي تي پهتس ته ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ۽ اپيل ۾ فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.