اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نوجوان هن ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ڏڦيڙين هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين.
تقريب ۾ خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان جا نوجوان باصلاحيت ۽ محنتي آهن، نوجوانن لاءِ ڪيترائي پروگرام جاري آهن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت نوجوانن لاءِ ڪو به منصوبا شروع نه ڪيا، پي ٽي آءِ نوجوانن کي نفرت ۽ شرپسندي تي اڪسايو، نوجوان ملڪ دشمن عنصرن جي سرگرمين کان چڱي ريت واقف ٿي چڪا آهن.
You might also like