سيڪيورٽي فورسز جي 9 ڊسمبر کان جاري ڪارروائين ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ 9 ڊسمبر کان جاري ڪارروائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 43 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشن ڪيا.
12 ۽ 13 ڊسمبر جي رات لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جتي 6 دهشتگرد ماريا ويا، خيبر پختونخواهه ۾ 9 ڊسمبر کان هيل تائين 18 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
بلوچستان ۾ 13 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ ٻه جهڙپون ٿيون، موسيٰ خيل ۽ پنجگور ۾ آپريشن دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا، صوبي ۾ 9 ڊسمبر کان هيل تائين آپريشنن ۾ 25 دهشتگرد ماريا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.