عام طور تي شادي جو ڪارڊ مهمانن کي دعوت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڀارت ۾ هڪ شادي لاءِ مهمانن کي موڪليل ڪارڊ ۾ انهن جي واضح بي عزتي به ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ سوشل ميڊيا ايپ ايڪس (ٽوئيٽر) تي وائرل ٿيندڙ شادي ڪارڊ جي تصوير شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن جو ٽيڪسٽ يقينن توهان کي به دنگ ڪري ڇڏيندو.
دعوت نامي جي شروعات ڪجهه هن ريت ڪئي وئي آهي ”اسان جي شادي ۾ توهان جي موجودگي جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو ته اسان جي شادي ۾ جيڪڏهن توهان نه آيا ته کاڌي جي برائي ڪير ڪندو“.
ڪارڊ ۾ ڪنوار جي نالي بدران ”شرما جي ڪي لڙڪي“ (پڙهائي ۾ تيز) ۽ ”گوپال ڪا لڙڪا“ (بي ٽيڪ ڪري دڪان سنڀاليندڙ) لکيل آهي.
ڪارڊ ۾ شادي جي تاريخ 5 جنوري 2025 لکيل آهي، گڏوگڏ ڪارڊ تي اهو پڻ واضح آهي ته ٽنڪو جا امتحان به ان ئي ڏينهن ختم ٿي رهيا آهن.
وائرل ڪارڊ ۾ ايندڙ دعوت نامو ريسيپشن جو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته شادي ٿي چڪي آهي پر هينگ اوور اڃا ختم ناهي ٿيو، ريسيپشن جو ڊرامو ڏسڻ ضرور اچو.
ڪارڊ ۾ مهمانن لاءِ هدايتون پڻ لکيل آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته ”مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي سنڀاليو، شادي جي اسٽيج کيڏڻ جو ميدان ناهي، ريسيپشن ۾ اچو تي پڦي سان ضرور ملجو نه ته انهن جو مُنهن گول گپي جيان ڦوڪجي ويندو، کاڌو کائي وڃجو، هڪ شخص جو ريٽ صرف 2000 رپيا پليٽ آهي“.
انهن هدايتن ۾ وڌيڪ لکيل آهي ”مهرباني ڪري ڪو تحفو نه آڻيو، رڳو گوگل پي يا روڪ، ڇو ته اسان کي پهريان ئي 7 ڊنر سيٽ ۽ 20 فوٽو فريمز ملي چڪا آهن“.
You might also like