ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بينڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب اڄ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 278 رپيا 23 پيسا رهي، انٽر بينڪ ۾ اڄ ڊالر 6 پيسا مهانگو ٿيو آهي.
گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 278 رپين 17 پيسن تي بند ٿيو هو.