ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو ٽائم ميگزين جو ”پرسن آف دي ايئر“ قرار

نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽائم ميگزين پاران سال 2024 جو ”پرسن آف دي ايئر“ قرار ڏنو ويو آهي.
ٽائم ميگزين پاران ڊونلڊ ٽرمپ کي 2016 ۾ پڻ ”پرسن آف دي ايئر“ قرار ڏنو ويو هو.
ٽائم ميگزين پاران 2024 لاءِ ”پرسن آف دي ايئر“ جي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن ۾ موجوده آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس، برطانوي شهزادي ڪيٽ مڊلٽن، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو، ميڪسيڪن صدر ڪلاڊيا شين بام، اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ ۽ پوڊ ڪاسٽر جو روگن پڻ شامل هئا.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 2013 ۾ ميگزين پاران جاري ڪيل اثرائتي ماڻهن جي فهرست کي هڪ مذاق قرار ڏيندي چيو هو ته هي سلسلو جلدي ختم ٿي ويندو.
2015 ۾ ٽائم ميگزين پاران جرمن چانسلر انجيلا مرڪل کي ”پرسن آف دي ايئر“ قرار ڏنو ويو ته ڊونلڊ ٽرمپ ان تي شڪايت ڪئي هئي.
پر جڏهن 2016 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي ”پرسن آف دي ايئر“ قرار ڏنو ويو ته هن ان کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏنو ۽ چيو هو ته هي هڪ اهم ميگزين آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير هن سال ٽائم ميگزين جي ڪور تي 3 ڀيرا شايع ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.