”قرض ته نه مليو ته ديسي ڪُڪڙ به ويا“ بينڪ مينيجر جي هاريءَ سان ٺڳي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ هڪ بينڪ مينيجر هاري کي پولٽري بزنس لاءِ 12 لک رپيا قرض ڏيارڻ جو واعدو ڪيو ۽ رشوت جي مد ۾ 40 هزار رپيا جا ديسي ڪُڪڙ کائي ويو.
هاري کي ڪڪڙن جي ڪاروبار لاءِ قرض گهربل هو، بينڪ مينيجر قرض جي اميد ڏياري هاري جا مجموعي طور تي 40 هزار رپين جا ڪڪڙ کائي ويو.
متاثر هاري اسٽيٽ بينڪ انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي رقم واپس ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ آپگهات ڪندس.
اهو واقعو ڇتيس ڳڙهه جي ضلعي بلاس پور جي علائقي مستوري جو آهي، روپ چند منهر کي قرض گهربل هو، 10 سيڪڙو ڪميشن به طئي ٿي هئي.
روپ چند مهر جو چوڻ آهي ته مان ديسي ڪڪڙ خريد ڪري کارايا، مون وٽ سموريون رسيدون به موجود آهن.
جڏهن بينڪ مينيجر قرض به نه ڏياريو ۽ ديسي ڪڪڙن جا پيسا ڏيڻ تي به راضي نه ٿيو ته روپ چند علائقي جي ايس ڊي ايم سان رابطو ڪري شڪايت داخل ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.