لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ فارميٽ وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
1877 ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ انگلش ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 5 لک رنسون مڪمل ڪري ورتيون، اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ انگلينڊ دنيا جي پهرين ٽيم آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽيسٽ ۾ مجموعي طور 5 لک رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 147 سال، هڪ هزار 82 ميچون لڳيون، ان دوران 717 ڪرڪيٽرن انگلش ٽيم لاءِ اهو رنسون اسڪور ڪيون.
انگلش ٽيم اهو اعزاز نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ان وقت حاصل ڪيو، جڏهن ٻي اننگز جي 51هين اوور ۾ هيري بروڪ ڪيوي بالر وليمز خلاف ٻه رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته انگلينڊ سڀ کان وڌيڪ 1082 ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ ٽيم پڻ آهي، ان فهرست ۾ ٻيو نمبر آسٽريليا جو آهي، جنهن 1877 کان هيل تائين 868 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ۽ مجموعي طور تي 4 لک 28 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن.
Prev Post
You might also like